Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:10 - Common Language New Testament

10 تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهين خدا کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي ايمان آڻيندڙن تي شريعت جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو بہ لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


پطرس کيس چيو تہ ”پوءِ ڇو تو ۽ تنھنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمايو؟ ڏس، جن ماڻھن تنھنجي مڙس کي دفن ڪيو آھي، سي ھاڻي دروازي تي اچي پھتا آھن. اھي تو کي بہ ٻاھر کڻي ويندا.“


پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟


مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي، مون کي پرکيو ۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.


اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ