Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:9 - Common Language New Testament

9 جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس عيسيٰ مسيح تي ايترو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن اُتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي ڪونہ ھو.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.


عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.


عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.


ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


تنھن تي انھن ھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانھن نھار.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ