Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:5 - Common Language New Testament

5 پوءِ غير قوم وارن ۽ يھودين پنھنجي اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ ھو رسولن سان بدسلوڪي ڪندا ۽ کين سنگسار ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.


جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.


پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.


پر شھر جي ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انھن مان ڪي يھودين جي طرف تہ ڪي رسولن جي طرف ٿي بيٺا.


پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.


ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.


تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ