Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:21 - Common Language New Testament

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ۽ گھڻا ئي ماڻهو عيسيٰ جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،


ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.


تڏھن رسولن پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي ۽ اِڪونيم شھر ڏانھن ھليا ويا.


ساڳيءَ طرح اِڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا ۽ اھڙي نموني تقرير ڪيائون جو ڪيترن ئي يھودين ۽ غير قوم وارن ايمان آندو.


”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.


ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.


اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو.


جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آس⁠پاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا.


اتي بہ اھي خوشخبري ٻڌائيندا رھيا.


لسترا ۾ ھڪ ماڻھو رھندو ھو جنھن جا پير سڪل ھئا. ھو ڄمندي ئي منڊو ھو ۽ ڪڏھن بہ پنڌ نہ ڪيو ھئائين.


ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“


لسترا ۽ اِڪونيم جا ڀائر تيمٿيس جي ساراھہ ڪندا ھئا.


ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.


تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ