Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:6 - Common Language New Testament

6 جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن هو سارو ٻيٽ لنگهي پافس ۾ اچي پهتا، تڏهن اتي هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺائون، جو ڪوڙو نبي هو، ۽ جنهن جو نالو بريسوع هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جڏهن هو سڄو ٻيٽ لتاڙي پافس شهر ۾ پهتا تہ هنن اتي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندڙ هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺو، جنهن جو نالو بريسوع هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن هو سڄو ٻيٽ لتاڙي پافس شهر ۾ پهتا تہ هنن اتي نبي سڏائيندڙ هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺو، جنهن جو نالو بريسوع هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن.


پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو.


پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين.


جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ