Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:52 - Common Language New Testament

52 تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 ۽ شاگرد خوشيءَ سان ۽ پاڪ روح سان ڀرجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا وشواسي خوشيءَ ۽ پوِتر آتما سان ڀرجندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا ايمان وارا خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:52
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“


شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين.


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.


نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.


مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انھن جي خوشي وڌي ويئي ۽ بيحد غريب ھوندي بہ سندن سخاوت جي دولت گھڻي وڌي ويئي.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو.


پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ