Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:5 - Common Language New Testament

5 جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادت⁠خانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن سلميس ۾ اچي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي منادي ڪرڻ لڳا: ۽ يوحنا ساڻن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي عبادت‌خانن ۾ مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي،


ھن واقعي تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ھو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر آيو. اتي گھڻا ئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا ۽ دعائون گھري رھيا ھئا.


برنباس ۽ شائول پنھنجو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان انتاخيا ۾ موٽي آيا.


ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.


پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.


ساڳيءَ طرح اِڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا ۽ اھڙي نموني تقرير ڪيائون جو ڪيترن ئي يھودين ۽ غير قوم وارن ايمان آندو.


برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون.


تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.


ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو.


سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.


سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.


پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ