Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:46 - Common Language New Testament

46 پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:46
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو.


انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.


پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو.


اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.


ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادت⁠خانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.


پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“


پھريائين دمشق، پوءِ يروشلم، يھوديہ جي سڄي علائقي ۽ غيرقومن ۾ مون اھا تبليغ ڪئي تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اھڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ ھنن سچ⁠پچ توبھہ ڪئي آھي.


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“


اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.


اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي.


منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.


ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ