Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:38 - Common Language New Testament

38 تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تنهنڪري، اي ڀائرو، اوهان کي روشن هجي، تہ انهي جي وسيلي اوهان کي گناهن جي معافيءَ جي خبر ٿي ڏجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ يسوع جي طرفان اوهان اڳيان پاپن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ عيسيٰ جي طرفان اوهان اڳيان گناهن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:38
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.


ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.


جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.


پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.


حقيقت ۾ شريعت موجب گھڻو ڪري سڀ شيون رت سان پاڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت وھائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.


اي منھنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ ٿو لکان، جو مسيح جي نالي جي ڪري اوھان جا گناھہ معاف ڪيا ويا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ