Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:36 - Common Language New Testament

36 خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:36
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين.


عيسيٰ چيو تہ ”ھن پٿر کي پري ھٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس ھوندي، ڇالاءِ⁠جو ھن کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري ويا آھن.“


جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.


ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.


ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


تہ پوءِ چئجي تہ جيڪي⁠بہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ مري چڪا آھن سي برباد ٿي ويا.


تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ