Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:3 - Common Language New Testament

3 تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي.


پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ


جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“


برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا.


ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو.


پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.


ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.


سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“


اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“


جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.


ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.


انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي.


جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.


ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.


تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ