Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:12 - Common Language New Testament

12 جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ خداوند عيسيٰ بابت تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“


جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.


خداوند جو ڪلام انھيءَ علائقي ۾ ھنڌين ماڳين پکڙجي ويو.


ھو ٻيٽ جي گورنر سرگيس پولس، جيڪو ھڪڙو ذھين شخص ھو تنھن جو درٻاري ھو. انھيءَ گورنر برنباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن خدا جو ڪلام ٻڌڻ پئي چاھيو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


پوءِ پولس ۽ برنباس انتاخيا ۾ ترسي پيا ۽ اتي ٻين ڀائرن سان گڏ خداوند جو ڪلام سيکاريندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رھيا.


ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“


پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.


اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.


اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.


اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.


اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين.


پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ