Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:9 - Common Language New Testament

9 پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ دوت ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪو درشن ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“


پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا.


ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“


”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.


پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ ھن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنھنجو جبو پاءِ ۽ منھنجي پٺيان ھليو اچ.“


”سو اي بادشاھہ اگرپا! مون جيڪا آسمان مان رويا ڏٺي، تنھن کان منھن نہ موڙيو اٿم.


دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“


جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ