Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:20 - Common Language New Testament

20 ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:20
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“


سو ھڪڙو ڏينھن مقرر ڪري ھيروديس شاھاڻي پوشاڪ پھري تخت تي اچي ويٺو ۽ انھن ماڻھن جي اڳيان ھڪڙي تقرير ڪيائين.


پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِ⁠جو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو.


اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ