Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:15 - Common Language New Testament

15 تنھن تي ھنن چيس تہ ”تون چري ٿي آھين.“ پر ھوءَ يقين سان چوندي رھي تہ ”اھو سچ آھي.“ ھنن چيس تہ ”اھو سندس ڪو ملائڪ ھوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هنن چيس تہ تون چري آهين. پر هوءَ يقين سان چوندي رهي تہ ائين ئي آهي. هنن چيو تہ اهو سندس ملائڪ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي هنن چيس تہ ”چري ٿي ويئي آهين ڇا؟“ پر هوءَ وري بہ يقين سان چوندي رهي تہ اهو سچ آهي. تڏهن اهي چوڻ لڳا تہ ”پڪ سان اهو سندس ڪو دوت هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي هنن چيس تہ ”چري ٿي ويئي آهين ڇا؟“ پر هوءَ وري بہ يقين سان چوندي رهي تہ اهو سچ آهي. تڏهن اهي چوڻ لڳا تہ ”پڪ سان اهو سندس ڪو ملائڪ هوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.


آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.


ڪلاڪ کن کان پوءِ ھڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”لاشڪ، ھي ماڻھو بہ تہ عيسيٰ سان ھو، ڇوتہ ھي بہ گليلي آھي.“


پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.


پطرس در کڙڪائيندو رھيو ۽ جڏھن ھنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا.


جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ