Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:3 - Common Language New Testament

3 ”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تہ تون نامختونن وٽ وئين ۽ وڃي ساڻن گڏ کاڌءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”تون اڻ‌طهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“


تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“


ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.


پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا.


پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


سو ڪنھن ماڻھوءَ کي يافا ڏانھن موڪلي انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. ھو شمعون موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي، جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.‘


سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“


دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


ڇالاءِ⁠جو يعقوب وٽان ڪن ماڻھن جي اچڻ کان اڳي پطرس غير يھودين سان کائيندو ھو. پر جڏھن اھي آيا تڏھن ھن غير يھودين سان کائڻ ڇڏي ڏنو، بلڪ انھن کان ڌار ٿي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن ماڻھن کان ڊڄندو ھو جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪندا ھئا.


جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ۽ ھيءَ تعليم نہ ڏئي تہ اھڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي کيس سلام ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ