Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:18 - Common Language New Testament

18 جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:18
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!


رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي.


اتي پھچي ھنن ڪليسيا جي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ھنن خدا جي معرفت ڪم ڪيا ۽ ڪھڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.


تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”ادا! تو کي خبر آھي تہ يھودين منجھان ھزارين ماڻھن ايمان آندو آھي ۽ اھي سڀيئي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رھيا آھن.


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.


پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.


سو اھي منھنجي ڪري خدا جي وڏائي ظاھر ڪندا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ