Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:16 - Common Language New Testament

16 پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ مون کي خداوند جي اُها ڳالهہ ياد آئي جا هن چئي هئي، تہ يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تڏهن مون کي پرڀو يسوع جو چوڻ ياد آيو تہ ’يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن مون کي خداوند عيسيٰ جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.


انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“


تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا.


تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو.


يحيٰ جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. اوھان منجھہ ڪو اھڙو آھي جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو،


مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“ ”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.


يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي پر اوھان کي ٿورن ڏينھن کان پوءِ پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“


سڀني ڳالھين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوھان کي سمجھايو آھي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جو ڪلام ياد رکڻ گھرجي، جنھن پاڻ فرمايو آھي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ ۾ وڌيڪ خوشي آھي.‘“


جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.


اي عزيزو! ھاڻي آءٌ اوھان ڏانھن ھي ٻيو خط ٿو لکان. ٻنھي خطن ۾ اوھان کي يادگيري ڏياري، اوھان جي سچيءَ دل کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ