Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:13 - Common Language New Testament

13 ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هن اسان کي چيو تہ مون ڏٺو تہ ملائڪ منهنجي گهر ۾ بيٺو آهي، جنهن چيم تہ يافا ۾ ماڻهو موڪلي اُنهي شمعون کي گهُرائي وٺ، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ دوت کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ ملائڪ کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“


پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون.


ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“


يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“


ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو.


پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينھن يافا ۾ شمعون نالي موچيءَ وٽ رھيل ھو.


ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ