Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:48 - Common Language New Testament

48 سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 سو حڪم ڏنائين تہ هنن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏيو. تنهن کانپوءِ هنن عرض ڪيس تہ ڪي ڏينهن اسان وٽ ٽڪي پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:48
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا.


پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.


سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


پر جڏھن فلپس خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انھن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


ڇالاءِ⁠جو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي.


انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ