Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:45 - Common Language New Testament

45 ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 ۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

45-46 مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45-46 مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:45
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا.


جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ


”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“


ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي.


حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا.


تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ