Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:34 - Common Language New Testament

34 پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:34
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ


انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو.


تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“


ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون.


فلپس ڳالھائڻ لڳو ۽ پاڪ ڪتاب کي انھيءَ ھنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌايائين.


ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.


ڇا خدا رڳو يھودين جو خدا آھي؟ ڇا ھو غير قومن جو خدا نہ آھي؟ ھا، ھو بلڪل آھي.


پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.


اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِ⁠جو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو.


تڏھن ڇا اوھان پاڻ ۾ طرفداري نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوھين بري نيت وارا منصف نہ ٿيا؟


پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي.


ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ