Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:3 - Common Language New Testament

3 ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“


لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني.


اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ


پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا.


پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.


ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو


ٻئي ڏينھن تي جڏھن اھي رستي ۾ ئي ھئا ۽ شھر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل ٻنپھرن جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙھيو.


ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن.


ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو


ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جي مھل پطرس ۽ يوحنا ھيڪل ڏانھن عبادت ڪرڻ ويا.


پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ


دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“


ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ