Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:23 - Common Language New Testament

23 پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهن تي هن کين سڏي پاڻ وٽ ٽڪايو. ۽ ٻئي ڏينهن هو اُٿي ساڻن روانو ٿيو، ۽ يافا مان ڪي ڀائر بہ ساڻن گڏجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي ايمان وارا بہ هن سان گڏ هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“


ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو،


پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون.


جڏھن روم جي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ ھو اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ ۽ ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏھن پولس انھن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳو ۽ دلي سڪون حاصل ٿيس. اھڙيءَ طرح اسين روم ۾ پھتاسين.


يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي.


جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“


ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.


مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.


بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ