Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:24 - Common Language New Testament

24 پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ انهن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“


وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.


ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي.


ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.


خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ