Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:14 - Common Language New Testament

14 ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.


جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي ⁠بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“


اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون.


اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.


جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.


جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“


عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ


پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.


عورتون جيڪي گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون ھيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اھا قبر ڏٺي ۽ اھو بہ تہ عيسيٰ جو ميت ڪيئن ان ۾ رکيو ويو.


اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.


انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون،


۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.


تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“


جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.


انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.


اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.


پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“


اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.


ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.


دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ