Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:10 - Common Language New Testament

10 جيئن تہ ھو مٿي وڃي رھيو ھو ۽ انھن جون اکيون آسمان ۾ ئي کتل ھيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻھو نوراني پوشاڪ سان ھنن جي ڀرسان اچي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.


ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.


جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون.


اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.


۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو.


ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“


ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو


پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ