Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:7 - Common Language New Testament

7 ڇالاءِ⁠جو ھو مسيح جي نالي تي نڪتا آھن ۽ جيڪي ايماندار نہ آھن، تن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو هو انهي جي نالي جي واسطي نڪري پيا ۽ غير قومن کان ڪي بہ ڪين ورتائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير وشواسين جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير ايمان وارن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


مون ڪنھن ۾ بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.


سڀني ڳالھين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوھان کي سمجھايو آھي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جو ڪلام ياد رکڻ گھرجي، جنھن پاڻ فرمايو آھي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ ۾ وڌيڪ خوشي آھي.‘“


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا ھئا، سي جتي بہ ويا اتي انھن ڪلام جي تبليغ ڪئي.


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.


ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين، جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.


ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.


تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.


منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ