Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:11 - Common Language New Testament

11 پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي رستي تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو ايشور جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن ايشور کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون.


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.


اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو.


اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.


اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.


ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.


پر تو منھنجي تعليم، ھلت چلت، ارادي، ايمان، تحمل، محبت ۽ صبر جي پيروي ڪئي آھي.


اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.


ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي.


جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آھيو تہ ڪير اوھان کي ڏکوئيندو؟


اوھين ڄاڻو ٿا تہ خدا سچار آھي، تہ پوءِ اھا بہ خبر اٿوَ تہ جيڪوبہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو ھن مان پيدا ٿيو آھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ