Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:7 - Common Language New Testament

7 اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِ⁠جو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گهرجي: ڇالاءِ جو اسين اوهان منجهہ بي قاعدي ڪونہ هلياسون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِ‌قدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِ‌قدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.


جيڪي⁠بہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.


اوھين شاھد آھيو ۽ خدا بہ، تہ ڪھڙيءَ طرح اسين اوھان ايمان آڻيندڙن سان پاڪ، سچار ۽ بي⁠عيب ٿي ھلياسين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.


اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو.


ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.


جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ