Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:16 - Common Language New Testament

16 ھاڻي اطمينان بخشيندڙ خداوند پاڻ ئي اوھان کي ھميشہ ۽ ھر طرح سان اطمينان ڏئي. شل خداوند اوھان سڀني ساڻ ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هاڻي شانتي بخشيندڙ پرڀو يسوع پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان شانتي بخشي. شل پرڀو يسوع اوهان سڀني ساڻ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:16
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“


ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين.


تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.


ڇالاءِ⁠جو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.


ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري.


شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.


شل اوھان سڀني تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.


شل خداوند تو سان ھجي. اوھان سڀني تي فضل ٿيندو رھي.


شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.


اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.


ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ