Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:15 - Common Language New Testament

15 تنھن ھوندي بہ ھن کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ ايمان وارو سمجھي کيس تنبيھہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌وشواسي سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌ايمان سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھم⁠ايمان کي موٽائي آندو،


آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان.


اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ ڪڏھن نہ ٿڪجو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.


تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ