Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 1:11 - Common Language New Testament

11 انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ دعا گھرندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي اهڙي زندگيءَ جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم ايمان سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي قدرت سان پورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 1:11
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.


”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.


خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،


ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.


خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.


آءٌ اوھان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ کان باز نہ ٿو اچان، ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد ڪندو رھندو آھيان.


ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.


جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.


سو آءٌ انھيءَ نشان ڏانھن ڪاھيندو ٿو وڃان، تہ جيئن اھو انعام کٽان جنھن لاءِ خدا مون کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي آسمان ڏانھن سڏيو آھي.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا.


ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن.


تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو، جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي، تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري، اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ