Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:21 - Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو انھن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سھي پر انھيءَ پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو ھو. تنھنڪري انھن لاءِ سٺو ٿئي ھا جو اھي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو هڪ ڀيرو راستبازيءَ جي واٽ معلوم ڪري پوءِ انهي پاڪ حڪم کان، جو کين مليو هو، ڦري وڃڻ، تنهن کان چڱو ائين هو جو انهيءَ واٽ کان واقف ئي نہ ٿين ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:21
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“


اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي.


جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“


جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،


اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا.


تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ تائين انھيءَ حڪم تي بي⁠داغ ۽ بي⁠قصور رھي عمل ڪر.


پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.


تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.


پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ