Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:20 - Common Language New Testament

20 سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 سو جيڪي ماڻهو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي غلبي ۾ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


ڪوبہ سپاھگيري ڪندڙ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انھيءَ لاءِ تہ جنھن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آھي تنھن کي خوش ڪري.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ جي سڃاڻپ جي وسيلي اوھان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رھي.


خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.


اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ