Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 2:18 - Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي شرير وارين خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن ڀَٽڪيلن واري جيون مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 2:18
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“


انھيءَ شھر ۾ شمعون نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جنھن ڪجھہ وقت تائين سامريہ جي ماڻھن کي پنھنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. ھو دعويٰ ڪندو ھو تہ ”آءٌ ھڪ وڏي ھستي آھيان.“


اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون.


تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون.


ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.


اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي.


اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.


انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابت⁠قدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن.


ڪيترا ئي ماڻھو انھن جي شھوت⁠پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راھہ جي بدنامي ٿيندي.


سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو.


تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.


اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.


پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ