Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 1:19 - Common Language New Testament

19 اھڙيءَ طرح اسان وٽ جيڪو نبين جو ڪلام آھي، سو وڌيڪ اعتقاد جوڳو آھي. اوھين چڱو ٿا ڪريو جو انھيءَ تي ڌيان ٿا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھو ھڪ ڏيئي وانگر آھي جيڪو اونداھيءَ جاءِ ۾ تيستائين روشني پيو ڪري، جيستائين پرھہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو اوھان جي دلين ۾ چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 انهيءَ واقعي جي ڪري سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت مليل پوِتر شاستر تي اسان جو وشواس وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 1:19
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا، تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي. ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا، تن تي روشني ظاھر ٿي.“


يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.


اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“


اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ نبين بہ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ پيشنگوئي ڪري انھيءَ فضل جو ذڪر ڪيائون، جيڪو اوھان تي ٿيڻ وارو ھو.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.


ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.


آءٌ ھن کي صبح جو چمڪندڙ تارو ڏيندس.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ