Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:5 - Common Language New Testament

5 تنھنڪري مون ڀائرن کي اھو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ ھو اڳواٽ اوھان وٽ اچن ۽ جنھن نذراني جو اوھان انجام ڪيو آھي، سو پھريائين تيار ڪري رکن، تہ جيئن اھو زور زبردستيءَ سان گڏ ڪيل نہ، پر بخشش وانگر معلوم ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان وچن ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان واعدو ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.


پر مون پنھنجن ڀائرن کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو فخر آءٌ اوھان تي ڪريان ٿو سو ھن ڳالھہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آھي تيئن اوھين تيار رھجو.


ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ