Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:14 - Common Language New Testament

14 ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هو پاڻ بہ اوهان جي لاءِ دعا ٿا گهُرن، ۽ خدا جو جيڪو گهڻو فضل اوهان تي آهي تنهن جي ڪري اوهان جا مشتاق ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اوهان تي خدا جي انهيءَ عظيم فضل کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان دعا گھرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.


مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو،


جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي خدا جي انھيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدونيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آھي.


انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.


خدا جو شڪر آھي، سندس انھيءَ بخشش لاءِ جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.


خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بي⁠قرار ٿو رھي، ڇالاءِ⁠جو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو.


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ