Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:13 - Common Language New Testament

13 انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ خدمت مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس تابعداري ڪريو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“


جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!


”اوھين مون کي ’خداوند، خداوند‘ تہ چئو ٿا، پر جيڪي ڳالھيون اوھان کي چوان ٿو سي نہ ٿا ڪريو.


اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو.


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.


تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.


اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون.


جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو.


ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.


ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.


سو اھي منھنجي ڪري خدا جي وڏائي ظاھر ڪندا ھئا.


ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو.


آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان،


اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِ⁠جو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.


تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.


تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ