Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:8 - Common Language New Testament

8 آءٌ اوھان کي حڪم ڏيندي ائين نہ ٿو چوان، پر انھيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوھان جي محبت جي سچائيءَ کي بہ آزمايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي پريم جي سچائيءَ کي آزمايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي محبت جي سچائيءَ کي آزمايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.


ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان.


انھيءَ ڳالھہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڪريان.


تڏھن بہ پاڪيزگي، علم، بردباري، مھرباني، پاڪ روح جي موجودگي ۽ خالص محبت ذريعي اسان پاڻ کي خدا جو خادم ثابت ڪيو.


انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.


تنھنڪري اوھين پنھنجي محبت ۽ اوھان تي اسان کي جيڪو فخر آھي، سو ڪليسيائن جي آڏو انھن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.


ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي.


جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


پر اٽلندو پيار جي جذبي سان سچ تي ھلي سڀني ڳالھين ۾ مسيح سان ڳنڍجڻ لاءِ وڌندا وڃون، جيڪو ڪليسيا جو سر آھي.


شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.


اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ