Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:23 - Common Language New Testament

23 طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جيستائين طيطس جو واسطو آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ سيوا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر منڊلين جا نمائندا ۽ مسيح جي مهما جو سبب آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيستائين طيطس جو تعلق آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر ڪليسيائن جا نمائندا ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“


تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي ۽ نہ وري موڪليل پنھنجي موڪليندڙ کان.


مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي.


مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟


پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.


ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.


نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.


اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.


تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.


پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھم⁠خدمت ۽ ھم⁠سپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.


اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.


انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي.


اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.


ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.


ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.


سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا.


تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ