Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:21 - Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو پرميشور جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:21
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.


ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“


”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.


تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“


جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.


جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.


اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.


ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي⁠بہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون درست آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪي⁠بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.


ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


تنھنڪري آءٌ جوان رنن⁠زالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ