Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:20 - Common Language New Testament

20 اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اها خبرداري ٿا ڪريون تہ جنهن وڏيءَ بخشش جي خدمت اسين ڪريون ٿا، تنهن جي نسبت ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي ڏوهہ نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي دان پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي نذراني پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو.


اھو خيال رک تہ جنھن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنھن کي ٻيا خراب نہ سمجھن.


پوءِ جڏھن آءٌ پھچان تڏھن اوھان جي مقرر ڪيل ماڻھن کي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن ھو اوھان جو نذرانو يروشلم ڏانھن کڻي وڃن.


پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.


نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.


تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.


ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ