Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:19 - Common Language New Testament

19 نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 منڊليون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن دان کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ سيوا انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان پرميشور جي مهما ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڪليسيائون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن نذرانو کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ خدمت انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان خداوند جي واکاڻ ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.


پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي.


تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.


سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.


سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.


نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.


نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.


ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.


تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.


اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.


ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي.


خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ