Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:1 - Common Language New Testament

1 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي خدا جي انھيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدونيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايون ٿا، جيڪا مڪدُنيا جي وشواسي منڊلين تي ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي خدا جي انهيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدُنيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘


برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“


اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.


ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.


پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس.


ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي.


ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي.


ائين نہ ٿئي جو جيڪڏھن مڪدونيا جا ڪي ماڻھو مون سان گڏ اچن ۽ اوھان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوھان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوھان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


سچ⁠پچ تہ اوھين پوري مڪدونيا جي سڀني ايمان وارن سان محبت ڪريو بہ ٿا. تڏھن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ