Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:3 - Common Language New Testament

3 آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيوت رهڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيئڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.


تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟


آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.


نہ، اسان جو خط تہ اوھين ئي آھيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آھي ۽ ان کي سڀ ماڻھو پڙھي ۽ سمجھي سگھن ٿا.


جيتوڻيڪ مون اوھان ڏانھن لکيو ھو، سو نہ تہ انھيءَ لاءِ جنھن ڏوھہ ڪيو ۽ نڪي ان لاءِ جنھن جو ڏوھہ ڪيائين. پر لکڻ جو مقصد ھو تہ اوھان کي جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي آھي سا خدا جي آڏو اوھان تي ظاھر ٿئي.


تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.


انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ