Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:3 - Common Language New Testament

3 اسين ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ٿاٻڙجڻ جو وجھہ نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت مان عيب نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اسين ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گمراهہ ٿيڻ جو وجهہ نٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ اسان جي خدمت ۾ عيب ڏسڻ ۾ نہ اچي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي سيوا تي ڪو الزام اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت تي ڪو الزام اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.


سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“


تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.


جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.


ڪمزورن لاءِ آءٌ ڪمزور بڻيس تہ جيئن ڪمزورن کي ھٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جھڙو ھو تنھن لاءِ آءٌ تھڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنھن نہ ڪنھن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.


اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ