Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:1 - Common Language New Testament

1 اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي پيغمبر تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجي کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.


برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“


رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.


تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


ھاڻي آءٌ پولس، جيڪو اوھان جي روبرو نِوڙت وارو آھيان پر اوھان جي پرپٺ اوھان جي واسطي وڏيءَ ھمت وارو آھيان، سو مسيح جي نھٺائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوھان کي منٿ ٿو ڪريان.


آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.


اوھان ھيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اھي سچ⁠پچ اجايو ھيون ڇا؟


انھيءَ سبب جڏھن آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، تڏھن اوھان جي ايمان بابت معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم. مون کي ڊپ ھو تہ متان ڪنھن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوھان کي آزمايو ھجي ۽ اسان جي محنت بيڪار ويئي ھجي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي.


خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.


خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟


جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ