Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:4 - Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو اسين ھن جھوپڙيءَ ۾ رھي بار جي ھيٺان دٻجي ڪنجھي رھيا آھيون. اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ نہ ٿا چاھيون، پر ان تي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھرڻ چاھيون ٿا، تہ جيئن مرڻ ھارڪو جسم حياتيءَ ۾ بدلجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.


ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،


ھاڻي اسين ڪنجھي رھيا آھيون ۽ ڪيڏي نہ وڏي تمنا پيا ڪريون تہ پنھنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيون.


جيڪڏھن ان کي اسان تي پھرايو ويو تہ اسين اگھاڙا نہ ٿينداسين.


آءٌ اھا ڳالھہ ضروري ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آھيان تيستائين اوھان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي ھوشيار ڪندو رھان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ